ٽل جيٿرو

ٽل جيٿرو (7140-1674 ):ٽل جيٿرو (Tull Jethro) برڪشائر (وچ ڏکڻ انگلستان) جو آبادگار جنهن ٻج ناڙي (Seed drill) ايجاد ڪئي هئي. ان کان علاوه هن گهوڙي ذريعي ڇڪجندڙ ’هو‘ (hoe) به ايجاد ڪري زمين کي ڀنجو بڻائي پوکي ڪرڻ ۽ ڇٽ سان ٻج پوکڻ واري اوزار (Broadcaster) جي جاءِ تي ناڙي ايجاد ڪئي ۽ ناڙي پوک جا مختلف طريقا به واضح ڪيا، جيڪي اڳتي هلي وسطي دور واري کليل پوک جي سرشتي ۽ بعد ۾ فصلي وار ڦير (rotations) سرشتن جا اهڃاڻ ثابت ٿيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو